رحمت مائي

رحمت مائي (حڪيما): مائي رحمت بدين ضلعي جي مشهور ڏاهي حڪيمياڻي هئي، هوءَ رحمت الله جي ڌيءَ هئي. رحمت ۽ سندس ڀيڻ طيبه ڪاليج ۾ پڙهيون ۽ بدين ۾ باقاعدي سند يافته طبيباڻيون ٿي رهيون. مائي رحمت جي مڙس جو نالو جان محمد بوهڙ هو. رحمت پنهنجي علائقي توڙي پري پري کان ايندڙ مريضن جي علاج لاءِ اسپتال به کولي هئي، جتي پاڻ ۽ سندس ڀيڻ گڏجي مريضن جو علاج ڪنديون هيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو